اسماعيل چانڊيو

اسماعيل چانڊيو

اسماعيل چانڊيو

اسماعيل چانڊيو: برک اداڪار اسماعيل چانڊيو، پهرين جنوري 1965ع تي تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو. سندس والد جو نالو غلام علي چانڊيو آهي. شروعاتي تعليم ميهڙ مان حاصل ڪيائين، بعد ۾ سنڌ يونيورسٽيءَ مان بي. اي ڪيائين. کيس اداڪاري جو شوق ننڍپڻ کان هو. ان شوق سبب پي. ٽي. وي ڪراچي سينٽر پهتو. سندس پهريون ڊرامو ”ڀرم“ هو، جنهن جو ڊائريڪٽر هارون رند ۽ ليکڪ عبدالقادر جوڻيجو هو. اسماعيل چانڊيي اڍائي سئو کان وڌيڪ سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ بهترين اداڪاري ڪئي آهي. سندس مشهور ڊرامن ۾ شوڪت شوري جو لکيل ”باک“ (ڊائريڪٽر فيض ٻگهيو)، ”سونيتي“ (ڊائريڪٽر فيض ٻگهيو)، اياز عالم جو لکيل ”ڪُن ۽ ڪنارا“ (ڊائريڪٽر منظور مگسي)، انور ابڙي جو ”ڳوڙهن سندا گل“ (ڊائريڪٽر محمد بخش سميجو)، گوبند خوشحالاڻيءَ جو ”سنيتا“، جنهن جو ڊائريڪٽر فاروق رند هو ۽ ڊرامائي تشڪيل علي بابا ڏني هئي، ”ڌرُو“ (ڊائريڪٽر فاروق رند)، ”خميسي جو ڪوٽ“ (جمال ابڙي جو لکيل)، ”ورهاست“ سيريل، ”سچ وڏو ڏوهاري آ“، لانگ پلي، ”استاد“ وغيره شامل آهن. جڏهن ته فاروق رند جي ڊائريڪشن ۾ اسماعيل چانڊيي جا ڊراما ”داني“، ”چنڊ“ ۽ ”ماني“ مشهور ٿيا ”ڪارا انٽرنيشنل فيسٽيول“ ۾ نامزد ٿيو ۽ 2006ع واري ’ڪارا فيسٽيول‘ ۾ سندس ”داني“ سولو پلي، پهريون نمبر ماڻيو. ڪي. ٽي. اين تي سندس سيريل ”حوا“ مشهوري ماڻي، جنهن جو ليکڪ عثمان ميمڻ هو. لانگ پلي ”سج کي ڦاسيءَ“ ۾ هن ذوالفقار علي ڀٽي جو ڪردار ڪاميابيءَ سان نڀايو، جنهن جو ڊائريڪٽر ايوب گل هو. اردو ڊرامن ۾ اسماعيل چانڊيي ”ريت ڪِي ديوار“ ۾ اداڪاريءَ سان گڏ ڊائريڪشن به ڏني، اهو ڊرامو انڊيا جي اي. ٽي. وي تان پڻ نشر ٿيو هو. ’هم ٽي. وي‘ تان پيش ٿيل سندس ٽيلي فلم ”ناؤ مين دريا“ کي پوري پاڪستان جي ٽيلي فلمن ۾ بهترين اداڪاريءَ ۽ ڊائريڪشن جو اوارڊ مليو، ان اوارڊ سان گڏ ان ٽيلي فلم تي 13 لک جو نقد انعام پڻ حاصل ڪيائين. ان ڊرامي جو ڊائريڪٽر فاروق رند ۽ ليکڪ علي بابا هو. ان کان علاوه اسماعيل جيو ٽي. وي جي ٽيلي فلم ”شيشه“ ۽ هم ٽي. وي جي ”سانس لي زندگي“ ۾ پڻ سٺي اداڪاري ڪئي. سندس اردو ڊرامن ۾ ”پيراني“، ”امان مين اسڪول نهيِن جاؤن گا“ ۽ ”مانگ“ پڻ مشهور ٿيا. انهن ٽنهي ڊرامن جو ڊائريڪٽر فاروق رند هو. اسماعيل چانڊيو هر قسم جو ۽ ڏکئي ۾ ڏکيو ڪردار پڻ ادا ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، هُن ماضي ۾ پي. ٽي. وي جي سڀني وڏن ۽ مشهور اداڪارن سان گڏ ڪم ڪيو آهي.


لفظ اسماعيل چانڊيوھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1965.01.01  عيسوي

اسماعيل چانڊيو پهرين جنوري 1965ع تي تعلقي ميهڙ جي ڳوٺ احمد خان چانڊيي ۾ پيدا ٿيو.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

جادم مڱريو
شادي شهيد فقير
ٽلو خان سپهه سالار
عبدالله چنا خانصاحب
حُرمت شيدڻ
عطا محمد خان ٽالپر مير
زيبا بختيار
عبدالرحيم ڪلهوڙو ميان
ابولهب
پير آف راڻيپور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون